اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو هنڌ

اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو هنڌ

اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو ھنڌ

اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو ھنڌ: هيءَ هڪ ڇٽي هئي جيڪا عمر ڪوٽ قلعي جي اتر ۾ ھڪ ميل ڏور هئي. موجوده وقت اڪبر جي جنم واري ھنڌ مٿان ٺهيل ڇٽي ڪري پئي آھي. ڪجهه وقت اڳ تائين صرف ٻه ٿنڀا بيٺا ھئا. اها ڇٽي پڪين سرن ۽ مٽيءَ جي گاري سان ٺھيل ھئي. سرن جي ماپ 12X6X3 انچ آھي. ھڪ سنگ مرمر جي تختي اوچائي ۾ ١٥ انچ ۽ ١٩ انچ آھي. ان تي لکيل آھي ته ”ھن ھنڌ اڪبر بادشاهه ڄائو سنه ٩٦٣هه“. جيئن ته ڇٽي ڊھي چڪي آھي پر حاڪم علي شاهه بخاري پنھنجي مضمون ”اڪبر جي جاءِ پيدائش عمرڪوٽ“ ۾ ماپون ھي ڏنيون آھن. زمين کان ڇٽي جي گبنذ تائين اوچائي ١٤ کن فوٽ ڊيگهه ويڪر 10x10 فوٽ، ٿنڀن جي ٻاھرين موڪر ٧. ١ فوٽ ۽ اندرئين پاسي کان ١٥ انچ. ڪنڊ ڪٽيل اٿس. ھرھڪ ٿنڀو ٦. ٦ فوٽ بلند آھي. جنھن تي ٤ انچ ٿلھي ڇت مٿان ٤ فوٽ کن بلند گنبذ رکيل آھي. اڪبر بادشاهه ٥ رجب ٩٦٩ع (١٥٤2) تي ھمايون کي حميده بانو مان ڄائو. سندس ڄمڻ ھنڌ تي ميان سيد هاشم شاهه کيجراڙيءَ واري پٿر هڻائي، ان تي پنهنجو نالو ۽ اڪبر بادشاهه جي جنم تاريخ لکرائي هئي، اهو هنڌ عمرڪوٽ کان ڪلوميٽر پنڌ تي آهي. ان پٿر واري هنڌ تي پٿر جي ڇٽي (مقبري نما) ٺهيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو